راءِ ڪنگهور

راءِ ڪنگهور (ذات): هن نک (ذات) وارا هندو ڪيٽي بندر کان وٺي بدين تائين ۽ ڪڇ کان وٺي راجپوتانا تائين ٽڙيل پکڙيل آهن. روايت آهي ته هنن ڪڇ جي حاڪم ’راءُ کنگهار‘ جو نالو پنهنجي نک تي رکيو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ’راءُ ڪنگهور‘ ٿيو آهي. هن خاندان وارا اڳي پنهنجن نالن اڳيان ’راءُ‘ لفظ گڏيندا هئا. اڳوڻو اوج ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو سلسلو بند ڪيائون ۽ هاڻي پنهنجن نالن جي پٺيان نند، چند، مل، داس وغيره گڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو